دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گڏجي ڪاميابي حاصل ڪنداسين: بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي پاران بي روزگار نوجوانن لاءِ تيار ڪيل “آءِ ورڪ فار سنڌ ڊاٽ ڪام” ايپ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب وزيراعليٰ هائوس سنڌ، ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير، خاص مددگار، صلاحڪارن، ترجمان، ڪاروباري برادري جي ماڻھن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جعفر ايڪسپريس هاءِ جيڪ کانپوءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي بهادري سان شڪست ڏني، جنهن تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف پوري سگهه سان وڙهنداسين ۽ سنڌ حڪومت عوامي فلاح و ڀلائي جي منصوبن تي ڪم جاري رکندي.هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي ۾ نون ڪينالن جي معاملي تي واضح موقف اختيار ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو وڌيڪ روزگار جا موقعا گهرن ٿا، پر سرڪاري نوڪريون محدود هجڻ سبب حڪومت هاڻ اڻ سڌيءَ طرح نوڪري جا موقعا پيدا ڪندي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي گهر فراهم ڪرڻ سان گڏ عورتن کي ملڪيت جا حق به ڏنا پيا وڃن ته جيئن هو مالي طور مستحڪم ٿي سگهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نجي شعبي ۾ وڌيڪ روزگار جا موقعا موجود آهن، تنهنڪري ان کي به هن پليٽ فارم جو حصو بڻجڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي هُنرمند نوجوانن کي نوڪريون ملي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي يوتھ ونگ ۽ پي ايس ايف هن ايپ جي مشهوري لاءِ مهم هلائيندا ته جيئن وڌ کان وڌ نوجوان ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن سنڌ جي عوام کي اها خوشخبري به ڏني ته هاڻي هو آڪسفورڊ سميت دنيا جي ٻين وڏين يونيورسٽين ۾ به تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي، ۽ حڪومت جديد ٽيڪنالاجي جو وڌ کان وڌ استعمال يقيني بڻائيندي.

هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين جا اشتهار به هن پورٽل تي ڏنا ويندا،مراد شاهه
وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جاب پورٽل لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي صوبي جا نوجوان پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. هن چيو ته هن پليٽ فارم تي نوڪري فراهم ڪندڙ ۽ روزگار جا متلاشي هڪ ئي هنڌ گڏ ٿيندا، جنهن سان صوبي جي ترقيءَ جي رفتار تيز ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته نوڪري فراهم ڪندڙ ۽ تلاش ڪندڙ سڀني كي گذارش آهي ته هو وڌ کان وڌ هن پورٽل تي رجسٽريشن ڪرائين. وزيراعليٰ ٻڌايو ته هڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين جا اشتهار به هن پورٽل تي ڏنا ويندا، جڏهن ته پنج کان پندرنهن گريڊ جون نوڪريون آءِ بي اي جي ذريعي ڏنيون وينديون ته جيئن مڪمل شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته هن پورٽل کي عارضي نوڪرين سان به ڳنڍيو ويندو ته جيئن مختلف منصوبن ۾ عارضي طور ڪم ڪندڙ ماڻهن کي به موقعا ملي سگهن. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي هميشه عوام جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي ۽ اسان پنهنجي ڪارڪردگي سان صوبي جي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪندا رهنداسين.هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت 21 لک گهرن جي تعمير جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، جن مان 8 لک کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺهيل گهرن کي ڪنهن ملڪ سان ڀيٽيو وڃي ته اهو دنيا جي 800 ملڪن کان وڏو هوندو

سنڌ حڪومت جاب پورٽل متعارف ڪرايو آهي،نوجوان اپلائي ڪن،شرجيل ميمڻ
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، تنهنڪري سنڌ حڪومت هي جاب پورٽل متعارف ڪرايو آهي.هن چيو ته هن ايپ ذريعي نه رڳو پڙهيل لکيل پر هُنرمند ماڻهو به پنهنجو سي وي اپلوڊ ڪري سگهندا ته جيئن کين سندن قابليت موجب نوڪري جا موقعا ملي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت نجي شعبي جي ادارن سان به رابطو ڪيو آهي ته جيئن هو به هن پورٽل ذريعي روزگار جا موقعا فراهم ڪن.هن چيو ته گهڻا نوجوان سرڪاري نوڪرين کي ترجيح ڏين ٿا، پر حقيقت اها آهي ته پيپلز هائوسنگ اسڪيم جهڙا وڏا منصوبا به روزگار پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مختلف منصوبن ذريعي نوجوانن کي هُنرمند بڻايو پيو وڃي ۽ هن پورٽل ذريعي نه صرف سرڪاري پر نجي شعبي ۾ به نوڪري جا موقعا مهيا ڪيا ويندا. هن زور ڀريو ته جاب پورٽل کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ڪيو ويو آهي، ۽ هي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جو اهم حصو آهي. هن جاب پورٽل جي قيام کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته هن قدم سان بي روزگار نوجوانن کي بهتر روزگار جا موقعا ملندا، ۽ نجي توڙي سرڪاري شعبي ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏيڻ آسان ٿي پوندو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ موقعن جي سرزمين آهي، جتي ٽيلنٽ ۽ ترقيءَ جي بيپناهه صلاحيت موجود آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت هيٺ، سنڌ صوبي بي مثال ترقي ڏٺي آهي ۽ هي جاب پورٽل به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن چيو ته هن پورٽل ذريعي هُنرمند نوجوانن کي سندن قابليت مطابق نوڪريون ڏنيون وينديون، ۽ هي پورٽل روزگار جي تلاش ۾ ماڻهن لاءِ هڪ “گيم چينجر” ثابت ٿيندو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي رهندي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ڏني ويندي. هن چيو ته هي جاب پورٽل سنڌ جي بي روزگار نوجوانن لاءِ هڪ اميد جو ڏيئو آهي، جنهن ذريعي نه رڳو سرڪاري پر نجي شعبي ۾ به روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو