ڪراچي (نمائندن وٽان)14 مارچ تي دريائن جي بچاءُ جي عالمي ڏيهاڙي جي حوالي سان عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي، سجاول طرفان دولهه دريا خان پل( ٺٽو سجاول پل) تي عومي تحريڪ ۽ سندياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدرنور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، علي محمد ڪلمتي، مجيد ساگر پرهياڙ، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالرزاق چانڊيو، عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر عزيز ميمڻ، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سلمي لاشاري، ساجده پرهياڙ، آمنہ زئور، شازيه ٻائيتار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ دريا خان زئور، گھنور خان زئور، مٺا خان لاشاري، شاه محمد چانگ، بلاول لاشاري امان حسين آزاد، امان الله بروهي، غلام علي زئور حبيب کوسو ۽ بين جي اڳواڻي ۾ دريا تي گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ڇھن ڪئنالن ۽ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف درياہ جي پيٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن گڏ ٿيل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو، سنڌ جي وجود جو ضامن آهي. پنجاب جو حڪمران 150 سالن کان سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙا هڻندو رهيو آهي. چولستان ڪئنال، گرين پاڪستان منصوبن جا اعلان سنڌ جي وجود مٿان وار آھن. پنجاب جي حڪمرانن هندستان جون ٽي نديون وڪرو ڪري ملڪ سان ظلم ڪيو ، صدر زرداري وري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪري سنڌين جي نسل ڪشي جي منصوبن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، گرين پاڪستان انشيئٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت ڇهه نون ڪئنالن جي تعمير سنڌين جي نسل ڪشي آهي، هنن چيو ته ڇهه نوان ڪئنال ٺاھي سنڌ کي ريگستان بڻائي ملڪي معيشيت جو ٻيڙو غرق ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ سميت سمورن آبي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪري زمينون غيرملڪي سرمائيڪارن حوالي ڪيون پيون وڃن، ايس آء ايف سي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جي خاتمي تائين سنڌي قوم هر ڏينھن پنهنجي وجود ۽ بقا جي جنگ وڙهندي ۽ پرامن جمهوري جدوجهد جوش و خروش سان جاري رهندي
مانجهند
مانجهند ۾ ايس يو پي جي سڏ تي سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج خاڻوٺ ۾ ٻارڙن توا هٿن ۾ کڻي انوکو احتجاج شيعا اڳواڻن پڻ احتجاج ڪيو ڪئنال نامنظور جي نعريبازي تفصيل موجب مانجهند ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪز پاران ڏنل سڏ تي مانجهند ۾ ايس يو پي ڪارڪنن ضلعي صدر خدا بخش ٿيٻو، تعلقه مانجهند جي صدر عبدالطيف پنهور. ٽائون مانجهند جي اڳواڻ محمد يوسف عمراڻي رحمان چانڊيو بابل لطيف کوسو اعجاز ميمڻ محرم خاصخيلي سهيل ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌو درياء مٿان اڏجندڙ ڇھ ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ تي 3 ڪلاڪ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو احتجاجي مظاهري ۾ ايس يو پي ايس ٽي پي جسقم ڪارڪنن سميت وڏي تعداد ۾ شهرين سول سوسائٽي، سماجي ڪارڪنن توڙي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سنڌو درياء سان محبت جو اظهار ڪيو، احتجاجي ريلي گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب مانجهند آڏو پهتو جتي اڳواڻن احتجاجي ريلي سان ڳالهائيندي چيو ته 14 مارچ دريائن جو عالمي ڏينهن آھي اڄ سموري سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو سنڌو درياء تي اڏجندڙ ڪئنالن خلاف روڊن تي آھن، وفاق سنڌ جي هنن ڪروڙين ماڻهن جي مطالبي کي نظر انداز ڪرڻ بدران سنڌي قوم جي مطالبي کي تسليم ڪندي ڪئنال ٺاهڻ وارو بل واپس ڪري، هُنن چيو ته پيپلزپارٽي سموري سنڌ جو ڪروڌ ڏسي پوئتي هٽي آھي جيڪو اسين سمجهون ٿا اسان جي جدوجهد جي ننڍڙي ڪاميابي آھي هنن چيو ته پيپلزپارٽي جيڪڏھن ڪئنالن جي خلاف آھي ته پوءِ ن-ليگ جي حُڪومت کان ڌار ٿئي ڇاڪاڻ جو سنڌو درياء تي ڌاڙو هڻندڙن سان حُڪومتي اتحاد غير فطري آھي، پيپلزپارٽي هڪ پاسي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف قرارداد منظور ڪري ٿي ٻئي پاسي قومي اسيمبلي ۾ ن ليگ سان گڏ بيٺل آھي، پيپلزپارٽي جي ان پاليسي کي سنڌ چڱي طرح سُڃاڻي ٿي هنن چيو ته سنڌ جي ڦُڙي ڦُڙي لاء جدوجهد جاري رهندي لاکا شهر ۾ ايس يو پي ڪارڪنن علي اصغر ميمڻ علي نواز ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيو خاڻوٺ ۾ ايس يو پي ڪارڪن زبير ونڊيار جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ توا کڻي سخت احتجاج ڪيو ويو لڪي شاهه صدر ۾ ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو مانجهند ۾ شيعا علماء ڪائونسل طرفان ڪئنال ڪڍڻ خلاف لاهوتي مشتاق مهدي صالح ڪاڇي جي اڳواڻي ۾ جمع نماز بعد مسجد ٻاهران احتجاج ڪيو ويو
ٺري ميرواھ
جي ڊي اي پارٽي جي سڏ تي سنڌو دريا تي غير قانوني ڪينال اڏڻ خلاف جي ڊي اي اين پي پي سميت مختلف پارٽين پاران ناڪا چوڪ کان پريس ڪلب ٺري ميرواھ تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٺري ميرواھ آڏو ناري بازي ڪئي وئي ريلي ۾ شريڪ فقير سڪندر علي شر. تعلقه بار ٺري ميرواھ جي صدر وڪيل مھتاب احمد شر امير طارق حسين ڪٻر مير محمد شر عبدالشڪور ملاح محمد علي شر دڪاندار ايسويسشن جي غلام مرتضا ٻانٻڻ وڪيل امجد حسين ڪي لغاري سميت ڪافي سول سوسائٽي سميت وڪيلن توڙي شاگردن شرڪت ڪئي ان موقع تي فقير سڪندر علي شر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پارٽي جي حڪم تي ھي ريلي ڪڍي آھي پارٽي حڪم ڪيو ته اسان روڊن تي اچڻ لاء تيار آھيون مگر ڪنھن به صورت ۾ سنڌو دريا مٿان وار ڪرڻ ڪڏھن به برداشت نه ڪنداسون ھنن وڌيڪ چيو ته چولستان جون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ خاطر سنڌ جي سرسبز زمينن کي بنجر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ھنن اعلا اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته سنڌو درياه مٿان نوان ڪينال اڏڻ وارو فيصلو فوري طور تي واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا
شھدادپور
شھدادپور جو شعور جاڳي پيو, سنڌو درياء کي ڀيٽا ۽ درياء جي عالمي ڏينهن موقعي تي 6 نون ڪئنالن جي اڏڻ واري منصوبي خلاف ھالا چوڪ کان سوين ماڻهن جي شاندار پيادل ريلي, مختلف چوڪن چوراھن کان ٿيندو پريس ڪلب پھتي, جتي ڌرڻو ھڻي ڪئنالن خلاف نعريبازي سنڌو درياء تي ڌاڙي ۽ 6 نوان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف شھدادپور ۾ جسقم, پي ٽي آئي, جي ڊي اي, پ پ شھيد ڀٽو, ايس ٽي پي, قومي عوامي تحريڪ, عوامي تحريڪ, شھدادپور بار, سول سوسائيٽي,ڊاڪٽرن. تاجرن توڙي مختلف تنظيمن سميت شھرين پاران ھالا چوڪ کان پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي مختلف چوڪن ۽ چوراھن کان ٿيندو پريس ڪلب شھدادپور آڏو ڌرڻو ھنيو ويو, ان موقعي تي ايس ڪي ڳاهو.شريف ڪلهوڙو.شبير ڪوري.وقار لغاري.جي ڊي اي اڳواڻ فقير حسين بخش خاصخيلي. شاھ جھان جوڻيجو.پي ٽي آئي اڳواڻ ذولفقار نربان,منوچهر گجر. چوڌري راو ڪاشف. شھدادپور بار صدر آغا افتخار حسين, وڪيل فياض حسين خاصخيلي. خالد ظھور بيگ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھٿ وٺي سنڌ کي تباھ ڪرڻ لاء سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار سان ڳٺ جوڙ ڪري تباھ ڪري رھيا آهن. سنڌو درياء اسان جو جياپو آهي درياء تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار سنڌ جي زمينن کي بنجر ڪرڻ لاء پنجاب جي ريگستان کي سرسبز ڪرڻ لاء 6 نوان ڪئنال ٺاھي رھي آھي.اگر اھي ڪئنال ٺاھيا ويا ته سرسبز سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون, پنجاب جي ريگستان واريون بنجر زمينو آباد ڪرڻ لاء سنڌو مٿان ڌاڙو ھڻڻ جي گھري سازش ڪئي پئي وڃي, جيڪا سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين, اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گذريل 16 سالن کان پيپلز پارٽي پنهنجي اقتدار بچائڻ خاطر سنڌ کي داء تي لڳايو آهي ھن وقت صدر پاڪستان پنجاب کان 7 کرب ورتا آهن, سنڌ ڪو يتيم خانو يا فتح ڪيل علائقو ناھي جو سنڌ کي داء تي لڳائي سنڌين تباھ و برباد ڪيو ويندو, اڳواڻن چيو ته سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال صوبو آهي, سنڌ ۾ تيل, گئس, ڪوئلو, پنجاب کي وڪرو ڪري ڏنو وڃي ٿو, ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي ته ڪڏنھن سنڌ جي ٻين حقن تي ڌاڙو ھڻي سنڌ سان ويساھ گھاتي مسلسل جاري آهي, اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌو مٿان 6 نوان ڪئنال اسان جي لاشن تي ٺھندا, سنڌ جو شعور سجاڳ ٿي چڪو آهي جيڪو ھاڻ مذاحمت ڪندو, ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو ويو آهي سنڌ جا آبادگار توڙي ھاري ھن وقت سخت پريشان آهن ۽ اگر سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو ويو ته پيئڻ جو پاڻي به نصيب نه ٿيندو, ھنن چتاء ڏيندي چيو آهي ته ڪئنال منصوبو فورن رد نه ڪيو ويو ته جلد قومي شاھراھن تي ڌرڻا ھڻي پنجاب ويندڙ رستا بلاڪ ڪيا ويندا,
گلاب لغاري
اڄ دريائن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ يونائٽيڊ, ايس ٽي پي جي يو آئي ڪولھي اتحاد ۽ ٻين اقليت برادري ۽ سياسي سماجي آبادگارن مزدورن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ھنن مڊيا آڏو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌو درياء مان ڇھ غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڪامريڊ اشرف لغاري نظير لغاري محمد موسا لغاري ۽ ٻين گلاب لغاري موڙ پوليس چوڪي کان ھزارين ماڻھن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي, سڄي شهر جوگشت ڪندي سخت نعرن جي گونج ۾ ريلي پريس ڪلب پهتي جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو تي ڪئنال ڪنهن ب صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا, سنڌو درياء تي ڪئنال ٺھيا ت سنڌ جون زمينون سڀ بنجر ٿي وينديون, ۽ اقليت برادرين چيو ته اھڙيون ھزارين ھوليون سنڌ ۽ سنڌو درياء مٿان قربان ڪري ڇڏينداسين ۽ ھنن چيو ته اھڙي خوني ڪيئنالن جو منصوبو بند نه ڪيو ويو ت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .
سانگهڙ
مرسون مرسون سنڌو تي ڪئنال ٺاهڻ ڪون ڏيسون سنڌو مان 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف سموري سنڌ جيان سانگهڙ م به ڊجيٽل پريس ڪلب آڏو شهرين جو احتجاجي مظاهرو جنهن م وڪيلن شهرين سميت سول سوسائٽي سماجي اڳواڻن جي شرڪت. احتجاج دوران ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شريف مصراڻي ايڊووڪيٽ سنيل ڪمار، وقار حسين جٽ ،اشرف رحماني ظفر مري، محمد علي لغاري، جبار جوڻيجو، ﷲ بخش خاصخيلي سميت ٻين چيو ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي جياپي تي ڪنهن به صورت م ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين گرين سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين حڪومت پنهجو فيصلو واپس وٺي