اعجاز ممنائي
گذريل ڏينهن سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو۔ سنڌ اسيمبلي جو خاص اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي اسپيڪر اسيمبلي پينل آف چيئرمين جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ قاسم سومرو، عبد الوسيم، ندا کهڙو سميت چئن ميمبرن جو اعلان ڪيو ويو.پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار اسپيڪر کان ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي منظور ڪيو ويو.اجلاس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو.ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڄام خان شورو چيو ته هي هڪ اهم ۽ تفصيلي ٺهراءُ آهي، جيڪو ليڊر آف دي هائوس پيش ڪيو آهي.سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي مسئلي تي انتهائي حساس آهن ۽ پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي ماڻهن ڪالا باغ ڊيم کي هميشه لاءِ رد ڪيو، محترمه بينظير ڀٽو ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو هو، جڏهن ته قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙو ٿل ڪئنال خلاف ٻه ٺهراءُ پيش ڪيا هئا.جڏهن ته پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي مسئلي تي سنڌ جو موقف واضح رکيو آهي آصف علي زرداري 18هين ترميم منظور ڪرائي صوبن کي خودمختياري ڏني، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي مخالفت باوجود ارسا جلال پور ڪئنال جي منظوري ڏني.نثار کهڙو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اسان کان غلطي ٿي وئي جو اسان هن اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ڪئي؟ سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، نون ڪئنالن ڪڍڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو.
جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته پيپلز پارٽي کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو، بار بار وضاحت جي ضرورت ڇو پيش اچي ٿي؟ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي پيپلز پارٽي حمايت ڪئي هئي، پر هاڻي چولستان ڪئنال کي به ان جو حصو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ اڳ ئي پاڻي کوٽ جو شڪار آهي.
اجلاس دوران مختلف پارٽين جي اڳواڻن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ سنڌ جي پاڻي حقن جي تحفظ لاءِ حڪمت عملي تي زور ڏنو هاڻا سوال اهو آيو ته قرارداد پاس ٿيڻ کانپوء ان تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ جڏهن ته حقيقتون سامهون پيون آهن ته پ پ پ جي سربراهه ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداريء پاڻ ڪئنالن جي بل تي صحيح ڪري سنڌ دشمني ڪئي آهي جڏهن مٿس عوام جو دٻاء اچي ٿو ته هو گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي سرڪار کي عرض ٿو ڪري ته اها رٿا واپس ورتي وڃي۔ جڏهن ته تجزيه نگار حيدر ملاح جو خيال آهي ته ڪينالن جو منصوبو ايس آءِ ايف سي SIFC جو منصوبو آهي. جنهن کي سڌي طرح عسڪري قيادت هلائي ٿي.صدر آصف علي زرداري ته انهن جو ننڍڙو حصيدار آهي جنهن سنڌي عوام جي ڪاوڙ ڏسي گڏيل اجلاس گهرائي ڪينالن جي ٿڌي مخالفت ڪئي.هونء به مفاهمت جو بادشاهه سڏجندڙ زرداري هر معاملي تي ڊرامائي سياست ڪندو رهيو آهي پر هي معاملو سنجيده ۽ ڪروڙين سنڌين جي جياپي جو آهي جنهن تي سياست ڪرڻ نه گهرجي ڇوته زرداريء جي سياست جو بنياد سنڌ سان جڙيل آهي. جيڪڏهن سنڌ زرداري جي هٿن مان وئي ته زرداري ليگ وٽ ڪجهه نه بچندو ۽ اسٽبلشمينٽ کيس ويجهو اچڻ به نه ڏيندي۔ پر ڇا عسڪري قيادت ڪينالن تان هٿ کڻندي؟اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب شايد خود زرداريء وٽ نه به هجي۔ ڇوته ڪينالن پٺيان “ايس آءِ ايف سي” بيٺل آهي.جن کي سعودي، يمن ۽ ٻين ملڪن مان تقريبن پنجهتر ارب ڊالرن جي سيڙپ جو آسرو آهي. لڳ ڀڳ سٺ لک ايڪڙ سرڪاري زمين جيڪا بي زمين هارين کي ملڻ گهرجي سا عسڪري قيادت جي ٺاهيل تنظيمن جي حوالي ڪئي ويئي آهي.”ايس آءِ ايف سي” نه رڳو زراعت ۾ پر سياحتي ماڳن ۽ توانائيءَ جي شعبن تي به اک رکيو ويٺي آهي. سياحتي ماڳ هنزه ۽ سنڌ ۾ گورک هل اسٽيشن SIFC جي حوالي ڪيا ويا آهن.انڪري سنڌو درياهه جي بقا جي جدوجھد زرداري جي تقرير جي آسري تي ٿڌي نه ٿيڻ گهرجي.زرداري پنهنجي سياسي ڪردار ۾ گيمبلر آهي. ان تقرير جي پويان ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته سنڌ ۾ “اومني گروپ” کي زمينون الاٽ ڪرڻ جي زرداري صاحب بارگنگ ڪري رهيو آهي.اومني گروپ معنيٰ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري۔ جيڪڏهن ملڪي اسٽيبلشمينٽ “اومني گروپ” کي اون ڪري ٿي وٺي ۽ کين حصو پتي ٿو ملي ته صدر زرداري جي تقرير فقط لفاظي تائين محدود رهندي. ڇوته وڏي مڪاري ۽ چالاڪيء سان سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايل ھن ٺهراء ۾ نه سي سي آئي(گڏيل مفادن واري ڪائونسل)جي ارجنٽ گڏجاڻي طلب ڪئي ويئي آ ۽ نه ئي سرسبز پاڪستان مھم Green Pakistan initiative جي نگراني ڪندڙ سڀني کان مٿانهين فوجي اداري SIFC جي ڏينهن رات ھلندڙ سرگرمين کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيل آهي.ڪارپوريٽ فارمنگ کي به ھاسيڪار درگذر ڪيو اٿن.شاھ سائين جي اڳواٽ ڏس ڏئي ويو ته ”اھڙو ٺلهو ٿانءُ, ڀڃي نه ڀورا ڪجي!“
ان ڪري پاڻ کي سمجهڻ گهرجي ته ڪينالن ۽ “گرين پاڪستان” جي منصوبي ۾ سڌي طرح ملڪ جا مقتدر ادارا شامل آهن. جن کي فقط پرامن جمهوري جدوجهد سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.انڪري سنڌين کي جدوجهد هر حال ۾ جاري رکڻ گهرجي ڇوته جيڪڏهن عوام خاموشي اختيار ڪئي ته سنڌ سرڪار انهيء ڪينال رٿا تي پنهنجا پير پوئتي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي۔ عوام توڙي قومپرست جماعتون ثقافتي ڏينهن وانگر رڳو هڪ ڏينهن تائين احتجاج کي محدود نه ڪن پر سنڌ سرڪار سميت وفاقي حڪومت تي دٻاء وجهنديون رهن جيستائين ان رٿا جو خاتمو اچي۔پيپلز پارٽي هن وقت وفاقي حڪومت(ن ليگ) سان گڏ ويٺل آهي انڪري ڪئنال رٿا جي حمايت عيوض بلاول زرداريء کي اربين روپين جو پيڪيج ڏئي راضي ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي هڪ سازش آهي جنهن جو هر ميدان تي مهاڏو اٽڪائڻ گهرجي۔ سنڌ اسيمبليء جي قراداد ڪابه اهميت نه ٿي رکي ان لاء پيپلز پارٽيء کي فيصلو ڪري سنڌ جي مفادن خاطر وفاق کان احتجاجن ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ زرداريء کي ايڪشن وٺي ڏنل اجازتنامو واپس وٺي ته جيئن ڪئنالن جو خاتمو ٿي سگهي۔
