ڪرپشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال تي پيمرا جا ٻه ملازم برطرف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) پنهنجي ٻن ملازمن کي مالي بدعنواني ۽ پنهنجي عهدي جي غلط استعمال جي الزام ۾ برطرف ڪري ڇڏيو آهي.هڪ شهري، شاهد اقبال، انهن خلاف شڪايت داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته انهن ملازمن کيس پرڏيهي وزارت ۾ نوڪري ڏيارڻ لاءِ پئسا ورتا هئا. برطرف ڪيل ملازمن ۾ پيمرا ريجنل آفيس، گوجرانوالا جو اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر قاسم عباس ۽ پيمرا ريجنل آفيس، ملتان جو اڳوڻو جونيئر اسسٽنٽ مجاهد عباس شامل هئا.پيمرا موجب، ٻنهي ملازمن سوشل ميڊيا تي تنظيم خلاف بدسلوڪي وارا تبصرا پڻ ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو