لاهور (ويب ڊيسڪ)کنڊ جي ٿوڪ قيمت ۾ 10 رپيا في ڪلوگرام گهٽتائي ٿي، جنهن کان پوءِ کنڊ جي ايڪس مل قيمت 163 رپين کان گهٽجي 153 رپيا في ڪلوگرام ٿي وئي.پنجاب جي گروسري مرچنٽس ايسوسيئيشن جي صدر عارف گجر چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ کنڊ جي ٿوڪ قيمت گهٽجي وئي آهي، پر مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت 165 رپين کان هيٺ اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳندا.انهن جو چوڻ آهي ته کنڊ جي قيمت ۾ واڌ ملي ڀڳت جي ڪري ٿي، ۽ کنڊ جي برآمد لاءِ غلط اجازت قيمت ۾ واڌ جو اصل سبب هئي.انهن مطالبو ڪيو آهي ته کنڊ جي قيمت واپس 140 رپيا في ڪلوگرام ڪئي وڃي.
