واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا 41 ملڪن جي شهرين تي سفري پابنديون تجويز ڪيون آهن. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجب، ٽرمپ انتظاميه هڪ نئين سفري پابندين جي فهرست تي غور ڪري رهي آهي، جنهن ۾ 10 ملڪن جن ۾ افغانستان، شام، ايران. ڪيوبا، اتر ڪوريا به شامل آهن انهن جي شهرين لاءِ مڪمل طور ويزا معطل ڪرڻ جي تجويز آهي. ٻئي گروپ ۾ 5 ملڪ شامل آهن جن ۾ ايريٽيريا، هيٽي، لائوس ۽ برما شامل آهن انهن تي جزوي پابندين جي تجويز آهي. هنن ملڪن جي ٽوئرسٽ ۽ اسٽوڊنٽ ويزا به متاثر ٿينديون. ٽئين گروپ ۾ 26 ملڪ شامل آهن، جن ۾ پاڪستان، بيلا روس ۽ ترڪمانستان به شامل آهن، تن تي مشروط پابندي لڳائڻ جي تجويز آهي. انهن ملڪن جي حڪومتن کي 60 ڏينهن جي مهلت ملندي ته ان مدت اندر جيڪي ڪميون ڪوتاهيون اهن اهي دور ڪيون وڃن. رپورٽ ۾ اهو واضح ناهي ته ڪميون ڪوتاهيون ڪهڙيون آهن. تجويز ڪيل پابندين وارو ميمو اڃا منظور ناهي ڪيو ويو.
