دهشتگرد پاڪستان ۾ هجن يا افغانستان ۾ کين نه ڇڏيو ويندو

اسلام آباد: (بيور رپورٽ) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته فيصلو ٿي چڪو آهي ته معصوم انساني حياتين سان کيڏندڙ دهشتگرد پاڪستان ۾ هجن يا ڀڄي افغانستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ هليا وڃن انهن کي هاڻ بخش نه ڪيو ويندو.ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنيف عباسي چيو ته ريلوي جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اسٽيشنز جي اپ گريڊيشن کي به اسان ڏسي رهيا آهيون، ريلوي پوليس جو اسڪيل پنجاب پوليس جي برابر ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان کي سوچڻو پوندو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ٻيهر ڇو وڌي رهي آهي؟ پوري دنيا کي سي پيڪ کٽڪي رهيو آهي، ڪوشش اهائي ڪئي پئي وڃي ته اهو پروجيڪٽ اڳيان نه وڌي سگهي.هن چيو ته فيصلو ٿي چڪو آهي ته دهشتگرد جتي به هجن انهن کي نه ڇڏيو ويندو، جيترا دهشتگرد پاڪستان ۾ موجود آهن انهن کي نه ڇڏيو ويندو. دهشتگرد ڀڄي افغانستان يا جتي به ويندا ته انهن جو پيڇو ڪيو ويندو.وفاقي وزير چيو ته هڪ طرف جعفر ايڪسپريس جو واقعو ٿيو ته ٻئي طرف سياسي مقصد حاصل ڪندڙ ماڻهن ڇا ڪيو؟ انهي واقعي جي مذمت ته آمريڪا ۽ گڏيل قومن به ڪئي. واقعي جي مذمت ناهي ڪئي ته صرف اسان جي دشمنن مذمت ناهي ڪئي، انهي سازش کي اسان سڀني کي گڏجي ناڪام بنائڻو آهي، اسان کي به جيل جون سزائون ڏنيون ويون پر اسان ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف به گهٽ وڌ نه ڳالهايو.

پهنجو تبصرو موڪليو