ڪئنال ڪڍڻ ۽ زمين تي قبضن خلاف پيادل مارچ، احتجاج،ريليون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي لکين ايڪڙ زمين تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان گلن جي موري کان نئون ڪوٽ جي خواجه چوڪ تائين 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، اياز کوسو، اوڀايو جوڻيجو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زبيده ڪلوئي عظمت ڪلوئي، ممتاز جوڻيجو، رمضان ڪلوئي ۽ ٻين ڪئي. مارچ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڇهه نون ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، ايس آءِ ايف سي ۽ ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ 7 ڪروڙ سنڌين جي نسل ڪشي جو منصوبو آهي. پنجاب جا حڪمران گذريل ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهي رهيا آهن. صدر زرداري ڇهه نون ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم جي منظوري ڏئي سنڌو درياهه جو سودو ڪيو آهي، پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌو درياهه ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوان ڪئنال ٺاھڻ بدران توسان پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جهڙا پنجاب جا سمورا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال بند ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. هنن چيو ته ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال ٻوڏن وارا ڪئنال آهن، هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي انڪري مذڪوره ٻنهي ڪئنالن جي پاڻي فراهمي طور روڪي وڃي، هنن چيو ته 1945ع جي سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه تي پنجاب جي حڪمرانن طرفان عمل نه ڪرڻ سبب سنڌ کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته پنجاب جا حڪمران پاڻيءَ جي ڪنهن به معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، بلاول شهباز اتحادي سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ ڇهه نوان ڪئنال ٺاھي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ جون زمينون نيلام ڪيون پيون وڃن، پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ توڙي سنڌ جون زمينون وڪڻڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي، سنڌ جون زمينون ڪنهن سرڪار نه پر سنڌي قوم جي ملڪيت آهن، ان کي نيلام ڪرڻ جو ڪنهن به سرڪار وٽ ڪو به اختيار ناهي، سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد ڍونگ ۽ فراڊ آهي، هن قرارداد وسيلي پيپلز پارٽي ڊجيٽل آدمشماري وانگر سنڌي قوم جي جدوجهد کي ماٺار ڪرائي سنڌي قوم جي پٺي ۾ خنجر هڻي پوءِ ڪئنال منظور ڪرائي بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿي. اڳواڻن چيو ته ڊيلٽا کي گهربل پاڻي نه ملڻ سبب سمنڊ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي، روزگار جا وسيلا تباهه ٿي ويا آهن، ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن، پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ جون زرخيز زمينون بنجر ٿي ويون آهن، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌي قوم جو معاشي قتلام عام ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي حڪومت پنهنجي هوڏ تان لهي ڪئنال منصوبو هڪدم رد ڪري سنڌي قوم سان انصاف ڪيو وڃي. سنڌي قوم پنهنجي درياهه جي تحفظ لاءِ ساھ جي آخري هڄڪي تائين جدوجهد ڪندي پٺتي نه هٽندي. سنڌي قوم، سنڌ جي نياڻين قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ لطيف جي نگري ۾ سنڌو درياهه کي بچائڻ جو وچن ڪيو ۽ درياهه کي بچائڻ لاءِ هر ڏينهن جدوجهد جي ميدان ۾ آهي، سنڌياڻي تحريڪ جون بهادر نياڻيون ڪالاباغ ڊيم جيان ڇهه نون ڪئنالن جي منصوبن کي به دفن ڪنديون.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو