بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ ۾ دير برداشت نه ڪبي، شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ يلو لائين بي آر ٽي جي جاري تعميراتي ڪم جو دورو ڪيو ۽ منصوبي جي پيش رفت جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ٽرانسپورٽ کاتي جو سيڪريٽري اسد ضامن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر يلو لائين ضمير عباسي، انجنيئرز، تعميراتي ڪمپنين جا نمائندا ۽ صلاحڪار پڻ موجود هئا. صلاحڪارن سينيئر وزير کي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ پيش رفت، رڪاوٽن ۽ امڪاني مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت آگاهي ڏني وئي. شرجيل انعام ميمڻ موقعي تي هدايتون جاري ڪندي چيو ته يلو لائين بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ان کي مقرر ڪيل مدي کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي شهرين لاءِ جديد ترين منصوبو تيار ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي. يلو لائين بي آر ٽي منصوبو سيپٽمبر 2025 ۾ مڪمل ٿيڻ هو، پر هاڻي اهو مئي 2025 تائين مڪمل ڪيو ويندو، يعني اهو منصوبو مقرر ڪيل وقت کان پنج مهينا اڳ مڪمل ٿيندو. هن چيو ته تعميراتي ڪم ۾ يوٽيلٽي جو وڏو مسئلو هوندو آهي، پر سنڌ حڪومت ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ريڊ لائين بي آر ٽي بابت ڳالهائيندي، هن چيو ته سول ايوي ايشن، واٽر بورڊ ۽ ڪي فور سبب هن منصوبي کي ڪجهه مسئلا درپيش آهن، جن کي جلد حل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جا آفيسر بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن ۽ منصوبي کي جلدي مڪمل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن. گرين لائين بابت ڳالهائيندي، هن چيو ته ان جا ڪرايا نه وڌايا ويندا، پر سهولتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو ته جيئن عوام کي بهتر سفر جون سهولتون ملي سگهن. بسز جي فراهمي بابت ڳالهائيندي، شرجيل انعام ميمڻ وزيراعظم کان اپيل ڪئي ته هو ڪراچي لاءِ 180 بسن جي فراهمي جو پنهنجو واعدو پورو ڪري، ڇو ته اهو ڪراچي جي شهرين جو حق آهي. هن چيو ته وزيراعظم کي پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪراچي جي عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. عورتن لاءِ خاص قدمن بابت ڳالهائيندي، هن چيو ته پنڪ اسڪوٽر عورتن کي مفت فراهم ڪيا پيا وڃن، جيڪي خاص طور تي نوڪري پيشه عورتن لاءِ هونديون. هن اهو به ٻڌايو ته پنڪ ٽيڪسي سروس پڻ جلد متعارف ڪرائي پئي وڃي، ته جيئن عورتن لاءِ محفوظ ۽ آرامده سفري سهولتون مهيا ڪري سگهجن. ان سان گڏ، سنڌ حڪومت “آءِ ورڪ فار سنڌ” ايپ ۽ پورٽل جو آغاز ڪيو آهي، جنهن ذريعي بيروزگار نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي سڀ منصوبا ڪراچي جي عوام لاءِ آهن ۽ انهن کي وقت تي مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن شهر ۾ جديد سفري سهولتون دستياب ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو