اندروني اختلاف،افغان گهرو وزير سراج الدين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغان گهرو وزير سراج الدين حقاني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن پنهنجو استعيفيٰ افغان طالبان اڳواڻ هيبت الله اخوندزاده کي موڪلي ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب سراج الدين حقاني جو استعيفيٰ قبول ڪيو ويو آهي، طالبان قيادت اندر اندروني اختلافن کي استعيفيٰ جو سبب قرار ڏنو پيو وڃي.رپورٽ موجب، سراج الدين حقاني جي وزارتي فرضن کان ڊگهي عرصي تائين غير حاضري پڻ سندس استعيفيٰ جو هڪ سبب آهي. عورتن جي حقن جي معاملي تي به حقاني نيٽ ورڪ ۽ طالبان جي مرڪزي قيادت ۾ اختلاف آهن.ميڊيا رپورٽن موجب، سراج الدين حقاني جي استعيفيٰ بابت طالبان حڪومت طرفان ڪو به بيان نه آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو