خانپور مهر ۾ هندو واپاري جو قتل، سوڳ ۾ شهر بند

خانپورمهر ( ن س) خانپور مهر ۾ هندو واپاري جي قتل ۽ سندس ڀائٽي وندنا ڪماري جي زخمي ٿيڻ واري واقعي تي سوڳ ۾ خانپورمهر شهر بند, مقتول واپاري جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون, زخمي ناري سکر کان گمبٽ اسپتال منتقل, خودڪشي ڪندڙ جوابدار جو مڙھ سندس ڀاء ۽ ڀيڻيوو کڻائي ويا, واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو, رپورٽ موجب خانپورمهر ۾ هڪ ڏينهن اڳ جيڪب آباد واسي جنوني جوابدار سونو ڪمار پاران هندو واپاري چانڊو رام جي گهر ۾ گهڙي کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ ۽ سندس ڀائٽي وندنا عرف گڙيا ڪماري کي زخمي ڪرڻ بعد پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪرن واري واقعي جو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو آهي مقتول چانڊو رام جون آخري رسمون خانپورمهر جي هندو مساڻ ۾ ادا ڪيون ويون جڏهن ته خودڪشي ڪندڙ سونو ڪمار جو ڀيڻيويو راجيش ڪمار ۽ ڀاء رونڪ لال ڪراچي کان خانپورمھر ٿاڻي تي پهتا جيڪي ميرپورماٿيلو سرد خاني ۾ پيل سونو ڪمار جو لاش وصول ڪري جيڪب آباد روانا ٿي ويا سونو ڪمار جي ڀيڻيوي راجيش ڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪافي مهينن کان سونو ۽ وندنا هڪٻئي سان پيار ڪندا هئا, سونو هر هفتي خانپورمهر ايندو هو ڪالھ به هو خانپورمهر آيل هيو اسان کي اها خبر پئي ته هن جو پهرين وندنا جي والد سومر سان شهر ۾ سندس دڪان تي منهن ماري ٿي بعد ۾ سونو سندس گهر ويو جتي هن وندنا مٿان فائر ڪيو ان دوران وندنا جو چاچو چانڊو رام گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو ۽ وندنا زخمي ٿي بعد ۾ سونو پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي راجيش ڪمار موجب اسان کي اها خبر پئي آهي اسين لاش وصول ڪرڻ لاء هتي آيا آهيون ٻئي طرف خانپورمھر ۾ واپاري چانڊو رام جي قتل واقعي جي سوڳ ۾ خانپورمهر شهر جون تمام مارڪيٽون ڪاروباري مرڪز بند رهيا, هوڏانهن واقعي هو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي پوليس موجب فريادي ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ناهن آيا جيئن فريادي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو اگر فريادي نه ايندا ته ڪيس سرڪار پاران داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو