وائيس آف آمريڪا جي ملازمن کي موڪل تي موڪليو ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي حڪومت ملڪ جي سڀ کان وڏي سرڪاري نيوز ايجنسي، وائيس آف آمريڪا جي ملازمن کي پگهار واري موڪل تي موڪلي ڇڏيو آهي. ٻن آمريڪي نيوز ايجنسين جي فنڊنگ ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ، صدر ٽرمپ هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي دستخط ڪيا جنهن ۾ وائيس آف آمريڪا ۽ ڇهن ٻين سرڪاري نيوز ايجنسين جي فنڊنگ ۾ گهٽتائي جو حڪم ڏنو ويو. وائيس آف آمريڪا دنيا جي چاليهه ٻولين ۾ نشريات ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو