اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت اڄ کان پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي ۾ 10 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 60 رپين کان وڌائي 70 رپيا في ليٽر ڪئي وئي. جڏهن ته، پيٽروليم شين جون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن تائين موجوده سطح تي رهنديون. ناڻي واري وزارت ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
