نوشڪي، بس تي خودڪش حملو، 3 اهلڪارن سميت 5 فوت

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) نوشڪي ۾ قومي شاهراهه ’اين 40 ‘ تي بس تي خود ڪش حملو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ايف سي اهلڪارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 35 زخمي ٿي پيا آهن.سيڪيورٽي اختيارين موجب بس نوشڪي کان تفتان طرف وڃي رهي هئي ته رستي ۾ ڌماڪو ٿي ويو. ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل بي ايل اي قبول ڪئي آهي. پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ريسڪيو اختيارين طرفان مارجي ويلن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو آهي. ڌماڪي کان پوءِ نوشڪي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. اسپتال جي ذريعن موجب ڌماڪي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته زخمين مان 3 جي حلت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايس ايڇ او ظفر بلوچ موجب بس تي حملو مبينه طور تي آپگهاتي لڳي رهيو آهي. جوابي ڪاروائي ۾ خودڪش بمبار ۽ 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند نوشڪي، دالبندين شاهراهه تي بس جي ڀرسان ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. ترجمان موجب دشمن عناصر ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، دهشتگردي جي ذريعي عوام جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهجن.بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي امن سان کيڏندڙن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائينداسين، بزدلاڻا حملا اسان جا حوصلا ختم نٿا ڪري سگهن، دهشتگردن کي ڪٿي به پناهه نه ملندي. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال سان کيڏندڙن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو. بلوچستان ۾ دهشتگردن جي لاءِ ڪابه جڳهه ناهي، هر قيمت تي امن قائم ڪنداسين، دشمن عناصر ٻڌي وٺن رياست هنن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندي. وڏي وزير چيو ته دهشتگردن کي انهن جي آخري انجام تائين پهچائي ساهه پٽينداسين ۽ اها جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. بلوچستان جو هر ماڻهو هن پاڪ ڌرتي جي لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جي خون جو قرضدار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو