لاهور (ويب ڊيسڪ )ناياب امير جماعت اسلامي پاڪستان لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ سياسي ويڙهه تي اتفاق آهي.لياقت بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ مستقل مقررين جي کوٽ حڪومت جي بدنيتيءَ کي واضح ڪري ٿي.هن چيو ته حڪومت پيٽرول، بجلي ۽ گئس تي عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.جماعت اسلامي جي نائب امير چيو ته پيٽرول ليوي ۾ 10 رپين جي واڌ سان صارفين رليف کان محروم ٿي ويا.هن اهو به چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي ٽرين جي سفر کان محروم ڪرڻ بدران، سفر کي محفوظ بڻايو وڃي.
