ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اسٽار عامر خان اڳوڻي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ جي شادي جي سالگرهه جي تقريب ۾ پنهنجي گرل فرينڊ گوري سپراٽ سان گڏ شرڪت ڪئي،،مشهور اداڪار عامر خان جو هڪ پراڻو وڊيو سوشل ميڊيا تي ٻيهر وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هو اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ جي شادي جي سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.هي وڊيو اصل ۾ فيبروري ۾ شيئر ڪئي وئي هئي پر ان جي ٻيهر ظاهر ٿيڻ سان عامر خان جي سندس نئين گرل فرينڊ گوري سپريٽ سان تعلق جي تصديق ٿي وئي آهي.وڊيو جو هڪ ٻيو دلچسپ پهلو اهو آهي ته عامر خان جون ٻئي اڳوڻيون زالون، رينا دتا ۽ ڪرن رائو، پڻ ان موقعي تي موجود هيون.وڊيو ۾، عامر خان پنهنجي گرل فرينڊ گوري سان گڏ بيٺو نظر اچي رهيو آهي، جنهن تقريب ۾ جامني رنگ جو لباس پهريل هو.وڊيو ۾ عرفان پٺاڻ کي پنهنجي زال صفا بيگ سان گڏ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيندي ڏسي سگهجي ٿو. ان موقعي تي عرفان پنهنجي هٿن سان عامر خان کي ڪيڪ کارايو، جنهن تي ٻنهي خوشگوار انداز ۾ مسڪراهٽ جو تبادلو ڪيو. عامر خان جي 60 هين سالگرهه جي موقعي تي، هن ميڊيا سان هڪ ملاقات جو انتظام ڪيو، جتي هن نه رڳو پنهنجي گرل فرينڊ گوري جو باضابطه تعارف ڪرايو پر ان سان پنهنجي گهري تعلق بابت به کليل طور تي ڳالهايو.
