بلوچستان جي معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن: مولانا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته موجوده سياسي صورتحال ۾ نوازشريف اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪي صورتحال تي تحريڪ جي لاءِ مشاورتي ڪونسل جو اجلاس گهرايو ويو آهي جنهن ۾ حڪومت مخالف تحريڪ ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد تي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اصل قيادت جيل ۾ آهي ۽ ٻاهرين قيادت ۾ هڪ جهڙائي نه آهي، پي ٽي آءِ سان معاملن ۾ رنجشون گهٽ ٿيون آهن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته بيان بازي سان پي ٽي آءِ سان امڪاني اتحاد ۾ ڏار نه پوندا، منهنجي خلاف جيڪڏهن ڪوبه بيان ڏئي ٿو ته پي ٽي آءِ کي انهي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته عيد کان پوءِ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪنداسين. هڪ طرفا فيصلا بند نه ڪيا ويا ته ملڪي سياست ۾ گهڻا مسئلا پيدا ٿيندا. هن چيو ته بلوچستان جي معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، رياست جيڪڏهن چيو ته افغانستان جي معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو سوچي سگهون ٿا. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته موجوده سياسي صورتحال ۾ نوازشريف اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو