کينجهو، ڄام مهتاب حملي ۾ محفوظ، گارڊ ۽ ڊرائيور قتل

اوٻاوڙو (ن س )اوٻاوڙو کان کينجهو واري زرعي زمين تي ويل پي پي ايم پي اي مهتاب ڏهر مٿان نامعلوم ماڻهن جو حملو حملي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿيڻ جا اطلاع ڄام مهتاب معجزاڻي طور محفوظ رهيو اطلاع تي واقعي واري هنڌ پوليس رواني ٿي وئي رابطو ڪرڻ تي ڄام مهتاب ٻڌايو ته مان معجزاڻي طور محفوظ آهيان ۽ ٽي گارڊ منهنجا زخمي ٿي پيا ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو آهي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي رهي آهي، هوڏانهن ڊي ايس پي رابطو ڪرڻ ٻڌايو ته زخمين ۾ هڪ ڄڻو ظفر ڏهر فوت ٿي ويو آهي اسين واقعي پهچي رهيا آهيون زخمين ۽ فوتين کي ڏهرڪي اسپتال پهچايو ويو آهي , زخمين ۾ ڄام مهتاب جو ويجهو ساٿي اسدشاه زخمي ۽ شير محمد زخمي ٻه ڄڻا آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃين .

پهنجو تبصرو موڪليو