فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ را ملوث آهي، دهشتگردي تي جيڪا پروپيگنڊا ڀارت ڪري رهيو آهي، اها هڪ مخصوص سياسي جماعت به ڪري رهي آهي.فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي را دهشتگردن جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، دهشتگردن کي گڏ ڪندڙ را آهي، اها فنڊنگ به ڪري رهي آهي، دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ را جو هٿ آهي. هن چيو ته دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿيڻ افسوسناڪ آهي، افغان حڪومت کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي، قومي وقار ۽ سلامتي خلاف سڀ سازشون ناڪام بڻائينداسين، دهشتگردن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ڪو وڏو آپريشن نه پيو ٿئي، انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ٿي رهيا آهن، گرينڊ آپريشن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
