سنڌ جي پاڻي تي سمجهوتو نه ڪبو، ڪراچي کي حصي جو پاڻي ملي پيو

ٽنڊو ڄام (ن س )سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جو واقعو ملڪي سلامتي خلاف هڪ وڏي سازش آهي، جنهن ۾ ڀارت سميت ٻين ملڪن جي مداخلت جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته اهڙا واقعا پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش آهن، جن کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو. راول هائوس راهوڪي ۾ ڏنل افطار ڊنر جي ميزباني جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ته بلوچستان ۾ انهن ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، جيڪي ھاڪاري سوچ رکندڙ آهن ۽ پاڪستان جي سلامتي جا حامي آهن. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ اهم قرارداد اڪثريت سان منظور ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان صوبي جي حقن جي تحفظ جو عزم ورجايو ويو آهي. هن متحده قومي موومينٽ (پاڪستان) جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي بيان کي کل جوڳو قرار ڏيندي چيو ته جڏهن کان متحده پاڪستان ۽ متحده لنڊن الڳ ٿيا آهن، تڏهن کان اهي بي بنياد بيان ڏئي رهيا آهن، جن جي ڪا به اهميت ناهي. سنڌ جي پاڻيءَ بابت ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو پاڻي کڻڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته قومپرست سياستدان نهرن جي نالي تي پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهين ٿا، پر عوام کين چونڊن ۾ مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به اهڙي منصوبي کي مڪمل ٿيڻ نه ڏيندي، جيڪو سنڌ جي پاڻيءَ جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري، اسان ڪنهن به ڪينال کي ٺهڻ نه ڏينداسين. شرجيل انعام ميمڻ مولانا فضل الرحمان کي هڪ قابل احترام سياستدان قرار ڏيندي چيو ته ملڪ کي سندس سخت ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جيتري به غير قانوني پارڪنگ هلي رهي آهي، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ۽ سنڌ جي بي روزگار نوجوانن کي “آءِ ورڪ فار سنڌ” پورٽل ۾ شامل ٿي روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته حڪومت جي حمايت ڇڏڻ ته ننڍڙي ڳالهه آهي، اسان ان کان به وڏو قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، پر سنڌ جي حقن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. افطار ڊنر ۾ صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاهه شيرازي، صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن، ٻين معززين ۽ وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو