يمني حوثي باغين جا 11 ڊرون ڪيرايا آهن، آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هڪ آمريڪي عهديدار دعويٰ ڪئي آهي ته آچر تي يمني حوثي تحريڪ سان لاڳاپيل 11 ڊرون ڪيرايا ويا، جڏهن ته حوثي تحريڪ پاران فائر ڪيل هڪ ميزائل يمن جي ويجهو سمنڊ ۾ ڪري پيو. اهو ميزائل آمريڪا لاءِ وڏو خطرو ثابت نه ٿيو.آمريڪي صدر ٽرمپ جي حڪم تي يمن ۾ هوائي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 53 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 98 زخمي ٿيا آهن.حوثي باغين ڳاڙهي سمنڊ ۾ آمريڪي ڪارگو جهازن کي نشانو بڻائڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي.گڏيل قومن آمريڪا ۽ يمن جي حوثي باغين کي هڪ ٻئي تي حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل يمن تي آمريڪي حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو حوثي باغين پاران جهازن تي حملي جي ڌمڪين تي به ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو