قومي سلامتي ڪميٽي جي سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس جو وقت تبديل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب، پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي (اڱارو) 18 مارچ تي صبح جو 11 وڳي ٿيندو، حڪومت پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگرد واقعن ۾ واڌ جي حوالي سان پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي. هي اجلاس اڳ ۾ 1:30 وڳي سڏايو ويو هو، پر وقت تبديل ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس صبح 11 وڳي ٿيندو، اجلاس ۾ سول ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪندي. انٽيليجنس ادارن جا سربراهه پارلياماني اڳواڻن کي ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو