رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان ۾ هڪ گهر ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيل ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٻه نوجوان فوت ٿي ويا آهن.اسپتال ذريعن موجب، ٻئي زخمي شيخ زيد اسپتال جي برن يونٽ ۾ علاج هيٺ هئا.ياد رهي ته 7 ڏينهن اڳ رحيم يار خان ۾ هڪ گهر ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته گئس ليڪ ٿيڻ جي ڌماڪي سبب باهه لڳڻ سبب ٽي نوجوان سخت زخمي ٿي پيا آهن.
