ڪنڌڪوٽ( ن س ) ڪنڌڪوٽ:ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن جو جمال ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي حدن ۾ ڏوھارين خلاف ڪاروايون، ڪاروائي دوران ڌاڙيل ملگزاربھلڪاڻي گينگ جا 2 ڏوھاري مقابلي دوران زخمي ڪرڻ جي دعوي، جمال ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ پوليس ڪاروايون ڪيون آهن، پوليس آپريشن ۾ پوليس کي تمام وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، پوليس بدنام ڏوهاري ملهو عرف ملگزار بهلڪاڻي جي 2 ڏوهاري ساٿين کي زخمي ڪيو آهي، پوليس آپريشن ۾ ڏوهارين جي ٿاڪن تان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار راڪيٽ لانچر گولا گوليون هٿ ڪيون آهن، ڀتا خور ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آھي جنھن ۾ بڪتربند اي پي سي چين جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي،ضلعي جي پوليس اٽالا 200 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار تمام ضلعي جا ايس ايڇ اوز پوليس آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن
