گذريل 5 سالن جي خساري جا تفصيل ايوان ۾ پيش

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) واپار واري وزارت گذريل 5 سالن جي خساري جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل دستاويزات موجب گذريل 5 سالن جي دوران 154 ارب ڊالر جو واپاري خسارو ٿيو ۽ 136 ارب ڊالر جي برآمدات ٿي، گذريل 5 سالن جي دوران 291 ارب ڊالر جي درآمدات ٿي، درآمدات ۾ اضافي جو سبب بنيادي معاشي نمو آهي.مالي سال 2020 ۾ واپاري خسارو 23 ارب 16 ڪروڙ ڊالر ٿيو ۽ مالي سال 2021 ۾ واپاري خسارو 31 ارب 8 ڪروڙ ڊالر ٿيو جيڪو مالي سال 2022 ۾ واپاري خسارو 48 ارب 35 ڪروڙ ڊالر ٿيو. مالي سال 2023 ۾ واپاري خسارو 27 ارب 47 ڪروڙ ڊالر ٿيو. گذريل مالي سال 2024 ۾ واپاري خسارو 24 ارب 11 ڪروڙ ڊالر ٿيو.مالي سال 2025 ۾ سولر پينل، ٽرانسفارمر ۽ بجلي جي ورهاست وارن اوزارن ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو. جڏهن ته بجلي جي اوزارن جي درآمدات 31 ڪروڙ 90 لک ڊالرن تائين پهچي وئي.دستاويزات موجب صنعتي مشينري جي اوزارن ۾ 20 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل مشينري ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، آٽو پارٽس جي درآمدات ۾ 58 سيڪڙو اضافو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو