استاد ۽ شاگرد جي حاضري چهري جي سڃاڻپ سان ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسڪول جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندي تعليمي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم ۾ ٻارن لاءِ گورننس، معيار ۽ اسڪول تائين آسان رسائي هجڻ گهرجي.سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اسڪول ايجوڪيشن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تعليم کاتي جي سڀني شعبن کي ڊجيٽل ڪيو ويندو.استاد ۽ شاگرد جي حاضري کي چهري جي سڃاڻپ سان ڊجيٽل ڪيو ويندو، هر هيڊ ماستر کي اسڪولن جي بهتري لاءِ سڌو سنئون فنڊ ڏنا ويندا ۽ نئين مالي سال کان سڌو سنئون ڊي ڊي او اختيار ڏنا ويندا.مراد علي شاهه چيو ته سڀني اسڪولن جو پنهنجو بجيٽ هوندو ۽ اهي پاڻ خرچ ڪري سگهندا، مڊل اسڪولن جو تناسب پرائمري اسڪولن جي برابر ڪيو وڃي، ڇوڪرين جي داخلا وڌي رهي آهي، جيڪا هڪ سٺي صورتحال آهي.تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته اسڪول انتظاميا کي انتظامي اختيار ڏئي رهيا آهن، 36,300 پرائمري اسڪول ۽ 2,600 ايليمينٽري اسڪول آهن، شاگردن جي ڪل داخلا 5.2 ملين آهي، جنهن ۾ 3.09 ملين ڇوڪرا ۽ 2.12 ملين ڇوڪريون شامل آهن، 7.8 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. سردار شاهه چيو ته ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ 4089 اسڪولن جي تعمير جو ڪم جاري آهي. غير ضروري اسڪول انتظاميا کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو