خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ضلعي خيبر جي توردارا علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ آپريشن دوران 3 خارجي کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر جي بيان موجب، سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه جي ضلعي خيبر جي علائقي توردارا ۾ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دهشتگردن جي موجودگي بابت انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي ڪيو ويو، جنهن دوران خارج جي لڪيل جاءِ کي اثرائتي طور تي نشانو بڻايو ويو. بيان موجب، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 خارجي مارجي ويا. مارجي ويل خوارج کان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو