دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي 10 بهترين ڊليورين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.چيمپيئنز ٽرافي ۾ 10 بهترين ڊليوري مان 4 پاڪستاني بالرن جون آهن، جن ۾ ابرار احمد جون 2، نسيم شاهه جون 1 ۽ شاهين شاهه آفريدي جون 1 شامل آهن.نيوزي لينڊ جي ڊيون ڪون وي ۽ ڀارت جي شبمن گل خلاف ابرار احمد جي ڊليوري بهترين ڊليورين مان هڪ آهي.چيمپئنز ٽرافي ۾ شاهين شاهه آفريدي جي روهت شرما جي بالنگ کي به ميگا ايونٽ جي بهترين ڊليوري مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي.جنهن بال تي نيوزي لينڊ جي اسٽار بيٽسمين ڪين وليمسن نسيم شاهه جي بالنگ تي آئوٽ ٿيو اهو پڻ بهترين ڊليوري جو حصو آهي.
