ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) ۾ ڊفينس جي علائقي ڊفينس جي رهواسي مصطفيٰ عامر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي جوابدار ارمغان سميت صحافين کي ڪورٽ ڪمپليڪس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران صحافين کي اي ٽي سي ڪمپليڪس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، سيڪيورٽي آفيسر موجب، صحافين کي اندر وڃڻ جي اجازت ناهي، اسان کي اعليٰ اختيارين طرفان منع ڪيو ويو آهي. ملزم ارمغان جي پيءُ ڪامران اصغر قريشي کي به عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، جنهن تي ڪامران قريشي پنهنجي پٽ سان اي ٽي سي ۾ ملاقات جي درخواست داخل ڪئي.درخواست ڏيندڙ جي مطابق، ارمغان وٽ هڪ نئون وڪيل آهي ۽ ان کي پنهنجي پٽ سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن هو ان کي اطلاع ڏئي سگهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اينٽي وائلنٽ ڪرائم سرڪل (اي وي سي سي) پوليس به کيس سندس پٽ سان ملڻ جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، تنهن ڪري ملاقات جو بندوبست ڪيو وڃي.
