فورسز فوري ڪارروائي ڪري وڏي آفت کان بچائي ورتو

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي صوبائي ڪابينا چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪئي ۽ صوبي کي هڪ وڏي آفت کان بچايو. بيان موجب بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران صوبائي ڪابينا جعفر ايڪسپريس ۽ نوشڪي ۾ تازن دهشتگرد واقعن جي مذمت ڪئي. ڪابينا دهشتگرديءَ جي واقعن تي بروقت ۽ فوري جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز ۽ آپريشن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپاهين کي خراج تحسين پيش ڪيو.بلوچستان ڪابينا عالمن جي ٽارگيٽ ڪلنگ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو.اجلاس ۾ متفقه طور تي اهو عزم ظاهر ڪيو ويو ته بلوچستان ڪابينا ۽ عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فورسز سان گڏ بيٺا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو