لڪي مروت ۾ آپريشن، 2 اغوا ڪار گرفتار، 2 يرغمالين بازياب

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)پوليس لڪي مروت جي علائقي سرائي نورنگ ۾ آپريشن ڪندي ٻن اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻن يرغمالين کي آزاد ڪرايو، جڏهن پوليس هڪ شڪي ڪار کي گنڊي چوڪ تي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته ڪار ۾ سوار ماڻهن پوليس تي فائرنگ ڪئي، پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي ٻن اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته جوابدارن جو هڪ ساٿي فرار ٿي ويو، پوليس موجب، جوابدارن کان 3 ڪلاشنڪوف، 1400 گرام سون ۽ 2.7 ملين رپيا هٿ ڪيا ويا آهن،پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايل يرغمالين جو تعلق سرگوڌا سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو