ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪينالن جي حقيقت ميڊيا تي آڻڻ لاءِ صحافين کي پنجاب جو دورو ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ڪراچي ۾ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان لاءِ نهايت ئي اهم ڏهاڙو آهي، پارليامينٽ هائوس ۾ ان ڪئميرا بريفنگ ڏني پئي وڃي،ملڪ م هڪ سازش تحت دشمن ملڪن جي ايجنڊا تي دهشتگردي جي لهر شروع ڪئي وئي آهي،دهشتگردي جو مقصد ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هن اهم موقعي تي پي ٽي آئي هن نازڪ مور تي رياست ئ پاڪستان سان گڏ بيهڻ نه ٿي چاهي، پي ٽي آئي چيو آهي ته جيستائين اڊيالا جيل ۾ويٺل قيدي جي اجازت کان سواءِ هو هن نازڪ مور تي قوم سان گڏ نه ٿا بيهي سگهن،ماضي ۾ اهڙو ڪوبه مثال نه ٿو ملي،پي ٽي آئي يا ته هن م شريڪ عمل آهي يا وري دهشتگردي تي خوش آهي،پي ٽي آئي کي گهرجي ها ته هو ذميوار پارٽي جو مظاهرو ڪري ها،بلوچستان ۾ پيش آيل واقعن م شاهديون ملڻ ٿيون ته انهن واقعن جي پويان هندستان آهي،دهشتگردي جي ايترن واقعہ باوجود هي پارٽي ملڪ ئ رياست سان بيهڻ نه ٿي چاهي،مان هن عمل جي سخت مذمت ڪيان ٿو، پيپلزپارٽي سدائين دهشتگردي جو نشانو بڻجندي رهي آهي،پ پ هر دور ۾ انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي،پيپلزپارٽي انتهاپسندي کي رد ڪري ٿي، جن پارٽين جي قائد طالبان جون آفيسون کولڻ جا مطالبا ڪندا رهيا اڄ اهي دهشتگردن پٺيان بيٺل آهن ، جن پارٽين انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو آهي،ڪي پي ۾ به لاٽون خراب آهن،ڪي پي جو وڏو وزير پنهنجي علائقي ۾ نه ٿو وڃي سگهي،اڄ بلوچستان م لڳل دهشتگردي جي باهه سڀاڻي هر تائين پهچي سگهي ٿي ان ڪري اسان سمورن کي هڪ ٿي ان جو مقابلو ڪرڻو پوندو، زين شاهه جتي ويو آ اهو لوڪيشن ٻڌائي ته آهي ڪئنال ڪٿي ٺهي رهيا آهن،سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارتي جو واضح موقف آهي ته ڪئنال ٺهڻ نه ڏنا ويندا. ڪئنال نه ٺهندا نه ٺهندا،عيد کان پوءِ سنڌ جي صحافين کي چولستان موڪلينداسين
