اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي اعلان تي دفاع واري وزير خواجه آصف تحريڪ انصاف جي مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ(ايڪس) تي خواجه آصف لکيو ته پي ٽي آءِ اڄ انهي ڳالهه کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان پهرين ۽ آخري انهن جي ترجيح آهي، ملڪ جي سلامتي ۽ امن امان پي ٽي آءِ جي لاءِ اهميت نٿو رکي. هن لکيو ته خان نه ته پاڪستان به نه انهن جو نصب العين آهي.دفاع واري وزير چيو ته ملڪ هن وقت دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي مفادن جي سياست ڪري رهي آهي انهي کان وڌيڪ ملڪ دشمني ٻئي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
