ڏهرڪي (ن س )ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي حملي کانپوء پوليس جو ٻيروٽا ۽ ڀرپاسي ۾ شر برادري جي ڳوٺن ۾ آپريشن گهرن کي باهيون ڏيئي گهر ڊاهي ڇڏيا، ڪيس داخل ٿيڻ کان اڳ ئي پوليس ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اي پي سي چين وٺي گهرن کي ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيو ، اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر جي ڳوٺ ڀرسان پوليس اٽالن جو مختلف ڳوٺن تي چڙهايو ,ڪيترائي ڳوٺاڻا پوليس جي خوف کان گهر خالي ڪري ويا.
