ٽنڊوآدم: ٿنڀو ڪرڻ سبب 2 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا

ٽنڊوآدم:(ن س) ٽنڊوآدم ڀرسان مزدوري دوران جڳھ جو پلر ڪرڻ سبب 2 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ڀرسان ڳوٺ ريٽائرڊ ميجر ڪمال ۾ جڳھ کي ڊاهڻ دوران هڪ پلر ڪرڻ سبب 2 نوجوان پورهيت نديم آرائين ۽ براڊ حسين بهڻ دٻجي ويا.پلر ڪرڻ سبب هڪ پورهيت نديم پٽ محمد رمضان آرائين ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻئي قومي ڪارڪن براڊ حسين پٽ منظور بهڻ زخمي ٿي پيو جنهن کي حيدرآباد علاج لاء نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو فوتي پورهيتن مان نديم ڳوٺ راجا غلام محمد ۽ براڊ حسين بهڻ جوس فيڪٽري جا رهواسي هئا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو