ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪئنال ٺهڻ سان زرعي زمينون تباهه ٿي وينديون، پيئڻ جو پاڻي به گهٽ ٿيندو، ڪئنالن ذريعي پنجاب جي ماڻهن جون به زمينون آباد نه ٿينديون، پنجاب ۾ به پاڻي جي کوٽ آهي ته پوءِ ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟، پ پ سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ جي ڀرپور مخالفت ڪئي آهي.شاهراهه ڀٽو جي ٻئي انٽرچينج جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي سخت اعتراض اٿاريا آهن، ڪئنالن بابت جڏهن ڪنهن کي به خبر نه هئي تڏهن سنڌ حڪومت آواز اٿاريو ۽ خط پڻ لکيا.هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت ۾ آهي، حڪومتن وٽ احتجاج کان سواءِ ٻيا به رستا هوندا آهن، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ڪڍڻ نه ڏنا ويندا صوبائي وزير چيو ته ان خوشفهمي مان نڪرڻ گهرجي ته پاڻي رڳو سنڌ جو مسئلو آهي، پنجاب جون زمينون به متاثر ٿينديون.سندس چوڻ هو ته شاهراهه ڀٽو فيز ٽو جي تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ڪم جي رفتاري جي به جاچ ڪئي آهي، ايڪسپريس وي 16 ڪلوميٽر تائين مڪمل ٿي ويو آهي ۽ شاهراهه ڀٽو تي ڪم بهتر نموني ٿي رهيو آهي.سعيد غني چيو ته منصوبي جو اعلان مارچ ۾ ڪيو ويو هو پر اپريل ۾ مڪمل ٿيندو، رمضان ۽ عيد جي موڪلن جي ڪري ڪم سست ٿي ويو، منصوبو ڊسمبر 2025 تائين مڪمل ٿيندو.هن وڌيڪ چيو ته پندرهن ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪرڻ ۾ يارنهن منٽ لڳا، ٺٽي ۽ ملير لاءِ سفر آسان ٿيندو.صوبائي وزير چيو ته انٽرچينج جو ڪم به اپريل ۾ شروع ڪيو ويندو، هن منصوبي تي 54 بلين لاڳت آهي.ان موقعي تي وقار مهدي، سعيد نجمي عالم، راجا رزاق بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.
