ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي زرعي سائنسدانن وڌيڪ پيداوار۽ گهٽ پاڻي تي پوکجندڙ وڌيڪ نيون زرعي جنسون تيار ڪري ورتيون آهن، سنڌ حڪومت وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ۽ گهٽ پاڻي تي پوکجندڙ ڪپهه، مڪئي، سرنهن، چانور، دال ۽ انب سميت 22 نين زرعي جنسن جي پوک لاءِ متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ وزير زراعت سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ صوبائي سيڊ ڪائونسل جو 36 هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ نون ٻجن جي خاصيتن بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن بعد نيون متعارف ڪرايل جنسن جي پوک لاءِ منظوري ڏني وئي. زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ ڪپهه جي CKC1 ۽ CKC 221، جڏهن ته CKC 6، غوري 2، هاف 3، ICS 386 سميت 10 نئين زرعي جنسن جي قسمن جي متفقه طور تي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته ڪپهه جون 3 ۽ چانورن جون 4 نيون متعارف ڪرايل جنسن جي پوک لاءِ جزوي طور تي هڪ سال لاءِ منظوري ڏني وئي آهي. زراعت واري وزير جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ مڪئي ۾ مظهر گولڊ، سنڌ راڻي ۽ سرهاڻ جي نئي زرعي جنسن جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته سرنهن ۾ نئون ڪينولا ۽ نئون توريه گولڊ، جڏهن ته ميرپورخاص جي دسيهڙي انب، تيل جي قسمن ۾ ٽي ايس 3، جڏهن ته چانور جي قسمن ۾ ڪي ايس ڪي 434، باسمتي 515، ڪائنات سميت 4 نين قسمن جي زرعي جنسن جي منظوري ڏني آهي. سردار محمد بخش مهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ موسمي تبديلي جي ڪري گرمي پد ۾ واڌ ۽ برسات جي وقتن ۾ تبديلي اچي رهي آهي، جنهن جي ڪري روايتي پوک جي وقتن ۾ تبديلي آڻڻ ضروري آهي، اجلاس ۾ وزير زراعت ڏوڪري مان چانور جي زرعي جنسن چوري ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري زراعت کي آفيسرن کي فوري طور تي معطل ۽ انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.سردار محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته سنڌ هن ڀيري ڪپهه جي پيداوار ۾ پنجاب کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آھي، سنڌ جي آبادگارن ۽ زرعي کاتي سنڌ ڪپهه جي بهتر سارسنڀال ۽ جديد ٽيڪنالاجين جو استعمال ڪيو، پاڻي جي کوٽ جي باوجود به سنڌ زرعي شعبي ۾ هڪ اهم مقام حاصل ڪري رهيو آهي، سنڌ صوبو موسمي تبديلي جي اثرن سان منهن ڏيڻ ۾ ٻين صوبن لاءِ هڪ مثال بڻجي رهيو آهي. وزير زراعت سنڌ ڊائريڪٽر جنرل ريسرچ ڊاڪٽر مظهر علي ڪيريو ۽ زرعي سائنسدانن کي نيون زرعي جنسون تيار ڪرڻ تي مبارڪباد به ڏني. اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت سهيل احمد قريشي، ڊي جي ريسرچ ڊاڪٽر مظهر ڪيريو، آبادگار اڳواڻ سيد نديم شاهه ڄاموٽ، ڊي جي زراعت ايڪسٽينشن منير احمد جماڻي، ايم ڊي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن مشتاق احمد سومرو، سنڌ/پنجاب جا زرعي ماهر، سائنسدان ۽ ٻيا به شريڪ هئا
