شمن اوٺو مهراڻوي
سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن مهينن کان ڀنڀٽ مچيل آهي،جنهن ۾ ڪارپوريٽ فارمينگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪئي پئي وڃي ۽ ساڳئي وقت سنڌو درياء مان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي زمينن کي وڏو ڇيهو رسائڻ جي سازش سٽي سنڌ جون زمينون غيرآباد ڪيون پيو وڃن جنهن سان نه صرف سنڌ پر پوري پاڪستان جي معيشيت کي تباهي ڪناري ڏانهن وٺي وڃڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ ٿرپارڪر جي ڏھ هزار ايڪڙ ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي،ٿر ۾ اڳ ۾ ئي بدحالي ۽ بيروزگاريء واري حالت آهي معاشي بحرانن جي ور چڙهيل آهي انهيء خطي کي به وڪرو ڪيو پيو وڃي، ٻيو ته هيل تائين برساتون نه پيون ته 50 سيڪڙو بئراجن ۾ کوٽ ٿيندي، هينئر تائين سنڌ ڪنگال بڻجندي پئي وڃي ڪڏهن زمينون،ڪڏهن جبل،ڪڏهن پاڻي وڪرو پيا ڪيا وڃن ته ڪڏهن ڪو نه ڪو فيصلو مڙهي وسيلن جي ڦرلٽ پئي ڪئي وڃي۔سنڌ جو انقلابي شعور ميدان تي آهي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ وڪيل برادري به سراپا احتجاج بڻيل آهي ته عوامي تحريڪ ۽ ٻيون پوليٽيڪل پارٽيون جلوس ڌرڻن ۽ ريلين جي صورت ۾ احتجاج تي آهن۔ ڏسڻو اهو آهي ته ان ڏس ۾ حڪومتي ڌريون ڪيتريون ڪوشان آهن ۽ هيڏي وڏي هنگامي کان پوء به سنڌ حڪومت ۽ ان جي لاچار وڏي وزير مراد علي شاھ کي ڪن تي جونء به سري آهي ويتر تڪراري ڊيمن جو افتتاح ڪرڻ ۾ پورو آهي،سنڌي قوم اڳ ۾ ئي بدحالين جي ور چڙهيل آهي،۽هڪ ئي جياپو پاڻي کسيو پيو وڃي ۽ زمينون غيرآباد ڪرڻ سان معاشي ترقي ۽ تجارت جو به وڏو نقصان ٿيندو ته ساڳئي وقت نه صرف سنڌ پر پوري ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو۔ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي به اک پٽڻ گهرجي ته هيڏو وڏو منصوبو سنڌوء جو پيٽ سڪائڻ جي سازش نه آهي ته ٻيو ڇاهي؟پاڪستان کي گرين هائوس ۾ تبديل ڪرڻ سان سڀني صوبن کي حق ملي سگهندا؟ڇا ائين ڪرڻ ملڪ ۾ معاشي تبديلي ۽ تجارت مثبت انداز ۾ بيهي سگهندو؟ سوچڻ جهڙي ڳالھ آهي ته نوان ڪئنال ٺهڻ سان لکين ڪروڙين روپين زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ غيرآباد ٿينديون،70 سالن کان وٺي پنجابي حڪمران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي تابع هيٺ رکڻ لاء سازشون ڪري تيل،ڪوئلو ۽ گئس هڙپ ڪري ملڪ کي هلائيندڙ صوبي جو چڱو خاصو ٻيڙو غرق ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن پر سنڌ جو ماڻهو باشعور آهي جيڪو هن وقت تائين جدوجهد جي ميدان ۾ آهي،ملڪ جو صدر ايندڙ وفاقي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ۽ پنهنجي پٽ بلاول کي وزيراعظم ٿيڻ لاء پنجاب جي حڪمران کي خوش ڪرڻ لاء سنڌ خلاف سازشون پيون سٽي ۽ سنڌ جي زمينن،پاڻيء کي وڪڻن لاء ميدان ۾ آهي،پر سنڌ جو شعور جيسين جيئرو آهي تيسين هنن سنڌ دشمن منصوبن،تڪراري ڊيمن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو نه ئي ٺهڻ ڏيندو۔
