ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بولان ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ جعفر ايڪسپريس جون ڪوچيون 8 ڏينهن کانپوءِ ڪوئيٽا پهچايون ويون.بوگين ۾ گولين جا سوراخ آهن ۽ گهڻيون دريون ٽٽل آهن.ريلوي عملدارن موجب، مرمت کان پوءِ بوگيون سفر لاءِ موڪليون وينديون.ياد رهي ته 11 مارچ تي دهشتگردن بولان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪيو هو.
