سنڌ جي آزاديءَ جو امر ڪردار: سُورهيه بادشاهه

حسيب ناياب منگي
سنڌ جي مٽيءَ هميشه آزاديءَ جا گيت ڳايا آهن. ان جي هوائن هميشه پنهنجن بهادر پٽن جا قدم چميا آهن ۽ سندس مٽيءَ منجھان هميشه قربانين جو عزم سانڍيندڙ سپوت پئي پيدا ٿيندا رھيا آهن. ڌرتيءَ جي انهن ئي حقيقي حوالن ۾ هڪ نالو پنهنجي شجاعت ۽ ڌرتيءَ سان سچو سڱ نڀائڻ ڪري سونھري لفظن سان لکيل آھي، جيڪو پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ ڌارين جي اکين ۾ اکيون وجھي بنا ڪنھن خوف جي ڏسي کين للڪاريندو رھيو. اھو عظيم، زندهه جاويد ڪردار پير صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳاري المعروف “سورهيه بادشاهه” جو آھي.
سورهيه بادشاهه صرف هڪ فرد جو نالو نه، پر هن خطي لاءِ بهادريءَ جو استعارو بڻجي ويو آهي. 16 مارچ 1909ع تي، جڏهن هن غلام هندستان ۾ پير جي ڳوٺ ۾ اک کولي ته ڄڻ سنڌ جي آزاديءَ جي جوت ٻري پئي. ننڍپڻ کان ئي سندس چپن تي معصوميت جا گلابي ٻولَ، پر اکين ۾ قومي غيرت جا اُلا هئا. جڏهن هو ننڍي عمر ۾ گادي نشين ۽ پڳ ڌڻي (پاڳارو) بڻيو، ته سندن وجود ۾ فقط روحاني مسند جي سربراهيءَ جو جوش نه، پر مظلومن جو آواز بڻجڻ جو عزم به جاڳيو. هُو رڳو ھڪ جماعت نه پر سموريءَ سنڌ جي اڳواڻيءَ جو بار پنهنجن ڪلھن تي محسوس ڪرڻ لڳو.
تن ڏينھن ۾، انگريز جو راڄ سنڌ سميت پوري هندستان تائين ڦهلجي چڪو هو. انھن لاءِ سنڌ جو خطو شروعاتي ڏينھن کان هر حوالي سان هڪ سڻڀو ٽُڪر ھو. انگريزن سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو ھو. پر سورهيه بادشاهه جي دل، ان غلاميءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه هئي. “وطن يا ڪفن” جو نعرو هجي يا “آزادي يا موت” جو هوڪو، سندن ھڪ ئي صدا تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هر ننڍي وڏي لبيڪ چيو ۽ اهي ٻئي نعرا سنڌ جي گھٽي گھٽِيءَ ۾ بغاوت جي گيت جيان گونجڻ لڳا. حُر تحريڪ جا سپاهي ۽ سنڌ جا باشعور جانثار فردَ، انگريز سرڪار لاءِ باهه بڻجي پيا. ڏاڍن جي وڏي بجيٽ سان پلجندڙ طاقتن جي مقابلي ۾ اسان سنڌين وٽ نه ڪا وڏي فوج ھئي، ۽ ئي نه جديد جنگي ساز و سامان، پر اسانجي همت ۽ مضبوط ارادا انگريز جي هڪ هڪ فرد تي ڀاري پئجي ويا.
حُرن جِي انگريزن سان بغاوت ۽ حُر گوريلا تحريڪَ، سنڌ جي جبلن، ميدانن ۽ ريگستانن تائين پکڙجي وئي. سندن هٿيارُ بس حب الوطنيءَ جو جذبو ۽ آزاديءَ لاءِ ڌرتيءَ تان قربان ٿي وڃڻ جو عزم هو. گڙنگ بنگلي سانگھڙ کان کنهواري بنگلي وارا واقعا انگريزن جا هوش اڏائڻ لاءِ ڪافي هئا. انگريزَ، حُر مجاھدن جي ڳولا ۾ هنڌ هنڌ ڪيتريون ئي ڪارروايون ۽ گرفتاريون ڪندا رھيا، پر حرن جا حوصلا هر گرفتاريءَ کانپوءِ ڄڻ ته نئين جولان ۽ ولولي سان جاڳندا رهيا. انگريز، سورهيه بادشاهه کي قابو ڪرڻ لاءِ هر نئين ڏينهن نوان سِٽَ سٽڻ لڳا. نيٺ وجھه وٺي کيس گرفتار ڪيو ويو. پر اهو ته سِجَ وانگر عالم آشڪار سچ آهي ته آزاديءَ جا سپاهي، زنجيرن ۾ ناهن جَڪڙبا… ڦاهين سان ناهن مرندا… ۽ ظلم آڏو آڻ ناهن مڃيندا. سورهيه بادشاهه تي ڪيس به ھليا. انگريز سرڪار بغاوت سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ کيس ڦاسائي ڇڏيو. ڪجھه ڪيسن ۾ پاڪستان جي بانيءَ قائدِاعظم محمّد علي جناح پڻ وڪيل جي حيثيت ۾ سندس ڪيس وڙهيو. پر انگريز جي نڪ ۾ دم ڪندڙ هن آزاديءَ جي تحريڪ جي سرواڻ کي صفحهء هستيءَ تان مٽائڻ کانسواءِ انگريز پنهنجي لاءِ عافيت نه ٿي ڀانئي. تنهنڪري نيٺ 20 مارچ 1943ع جي اونداهي رات، جڏهن آسمان تي ستارا به ساهه روڪي بيٺا هئا، جڏهن آزاديءَ جا پروانا سندس آخري پيغام جا منتظر هئا، ته سورهيه بادشاهه کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو ويو. حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ سورھيه بادشاهه شھادت جو جام پيتو. گڏوگڏ 50 کان وڌيڪ حر مجاھد به شھيد ڪيا ويا. پر موت جي واديءَ مان به سندن آواز گونجيو: “شهادت اسانجو فخر آهي ۽ ظالم کان معافي گهرڻ غلامي آهي. اسين رڳو پنھنجي رب کان معافي گهرون ٿا!” ۽ پوءِ سڀ حيران رھجي ويا ته ڪيئن ھڪ عظيم اڳواڻ، بھادر ليڊر ۽ ڌرتيءَ جي محافظ سورھيه بادشاھ کي موت جو جام پيئڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڪن مؤرخن موجب انگريز پنهنجي هن انوکي باغيءَ کي موت جي سزا ڏيڻ جو طريقو به انوکو ايجاد ڪيو ۽ کيس بجليءَ جي ڪرسيءَ تي ويهاري منجھس ڪرنٽ ڇڏيو ويو ۽ ساهه وڃڻ تائين اهو ڪرنٽ سندس ڏيلَ ۾ ڊوڙندو رهيو ۽ هن سُورهيه سپُوتَ ڌرتيءَ جي عشقَ ۾ پنهنجو سر گھوري پاڻ کي سدائين لاءِ امر ڪري ڇڏيو. ڌرتيءَ جي هن پُٽَ کي ظاهري تڪليف ته ضرور ٿي… غم ته وري به غم رھيو… مشڪلاتون ضرور آيون ۽ ھا! فقط تَنَ کي ستن پردن ۾ لڪايو ويو. وارثن ۽ ڌرتيءَ ــ ڌڻين کي سورھيه بادشاھ جو مُنھن به نه ڏيکاريو ويو. روح ته آزاد رهيو، آزاد سنڌ جو خواب ته جيئرو رهيو ۽ تحريڪ ته جاري رهي! ڇاڪاڻ ته سورھيه بادشاھ جي فڪر کي ڪڏھن به مات اچي نه سگھي.
سنڌ ۾ سورھيه بادشاھ جي شھادت جي خبر آھستي آھستي جڏھن ڦهلي ته انگريزن جي ظلم ۽ جبر خلاف سنڌ ۾ ڪڏھن ظاھر ته ڪڏھن مبهم صورت ۾ ڪيترائي احتجاج ٿيا. سورهيه بادشاهه کانپوءِ سندس وارثن کي جيڪي تڪليفون آيون، تن تي تاريخ اشڪبار آھي. سنڌ ۾ وڏي عرصي تائين خوف ۽ حراس جو ماحول رھيو. حُر تحريڪ آزاديءَ جي هڪ منظم تحريڪ بڻجي سامهون آئي. ھاڻي حر تحريڪ جو مقصد صرف انگريز راڄ جو خاتمو ئي نه هو، بلڪه سنڌ جي عوام کي آزاديءَ جو ساهه کڻڻ وارو ماحول فراهم ڪري ڏيڻ به هو. حُرن جي تنظيم توڙي بيباڪي ۽ بهادري انگريزن لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي وئي. حر مجاهدن پنهنجيون حياتيون آزاد ڌرتيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ انگريزن هر طرح جي ظالماڻن حربن جو استعمال ڪيو، پر حُر تحريڪ جو عزم ايترو مضبوط هو جو سامراجي قوتون به ان کي شڪست نه ڏئي سگهيون.
سورھيه بادشاھ جي شھادت اھو ثابت ڪيو ته وزارتن جا مزا ماڻڻ وارا، انگريزن جي غلاميءَ کي قبول ڪرڻ وارا، سنڌ جا ڪيترائي سياستدان پنھنجي مجرماڻي ماٺ پٺيان اھو صاف ٻڌائي رھيا ھئا ته اسان غلامي قبول ڪرڻ کي پنھنجي لاءِ باعثِ شرف سمجُھون ٿا. تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ اھي سڀ ڏوهي آھن، جن جا واتَ انگريزن دولت، عيش عشرت، القابن، خطابن ۽ وزارتن جي لالچ عيوض سبي ڇڏيا ھئا. انهن سڀني جي ابتڙ سورھيه بادشاهه جهڙو مزاحمتي ڪردار پنھنجي ڪردار ۾ اڄ به اجرو ۽ صاف نظر اچي ٿو.
سورهيه بادشاهه، رڳو ماضيءَ جو ڪو ورق ناهي، پر هڪ فڪر، هڪ فلسفو، هڪ روشني آهي. جڏهن به ڪو ظالم، ڪنهن مظلوم تي ظلم جون ڇِپُون ڪيرائيندو، تڏهن آزاديءَ جا سپاهي، سورهيه بادشاهه جي نالي جو سُنهن کڻي، بغاوت جو جھنڊو لهرائيندا. اڄ به، سنڌ جي هوائن ۾، تاريخ جي صفحن ۾، آزاديءَ جي هر نعري ۾، سورهيه بادشاهه جي بهادريءَ جو آواز گونجي ٿو: “وطن يا ڪفن! ــ آزادي يا موت!” ۽ جڏهن به ظلم خلاف ڪو بهادر اٿندو، تڏهن سورهيه بادشاهه جي روح جا قدم به ساڻس گڏ هلندا. ڇو ته آزاديءَ جا سپاهي رڳو بظاهر مرندا آهن، پر تاريخ جي ورقن ۾ هميشه امر رهندا آهن.
سر جدا، ڌڙ ڌارَ، دوڳ جنين جا ديڳ ۾،
سي مَرڪن پچارَ، حاضر جن جي هٿ ۾.

روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو