آءِ ايم ايف سان جلد اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويندو،گورنر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ورچوئل ڳالهيون جاري آهن ۽ تمام جلد اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويندو.اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.هڪ سوال جي جواب ۾ اسٽيٽ بئنڪ گورنر ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال لاءِ ترسيلات زر جو هدف 36 ارب ڊالر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو اڳ کان وڌايو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي واڌ جي شرح 2.8 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو هدف به گهٽايو ويو آهي.هن جو وڌيڪ جو چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي جي شرح 7 کان 8 سيڪڙو جي وچ ۾ رهي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو