ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز وزيراعلى هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وڏي وزير آسٽريلوي سيڙپڪارن کي صوبي جي زرعي شعبي ۾ موقعا ڳولڻ جي آڇ ڪئي. هن زرعي ترقي ۽ ٽيڪنيڪي جدت لاءِ صوبائي حڪومت جي عزم کان آگاھھ ڪيو. هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ٻڌايو ته آسٽريليا مهراڻ يونيورسٽي سان گڏجي اهڙين فصلن تي تحقيق ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي، جيڪي سخت موسمي حالتن جو مقابلو ڪري سگهن. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت ڪامياب پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تي ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي، جيڪا هن سال جي آخر تائين مڪمل طور ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو. هن پڻ ٻڌايو ته شاهراهه ڀٽو کي بندرگاهه سان ڳنڍڻ جي رٿا جوڙي رھيا آھيون، جنهن سان بندرگاهه کان موٽر وي تائين سڌي رسائي ممڪن ٿيندي ۽ ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. ڪراچيءَ جي اھم سيڙپڪاري جو مرڪز واري صلاحيت تي ڳالهائيندي وڏي وزير پرڏيھي سيڙپڪارن کي شهر ۾ موجود موقعن مان فائدو وٺڻ جي ھمت افزائي ڪئي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سنڌ حڪومت سان صحت واري شعبي ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مائرن ۽ ٻارن جي صحت سان لاڳاپيل منصوبن ۽ صوبي ۾ اميونائيزيشن مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي اپائن تي پڻ ڳالهيون ڪيون. هيءَ ملاقات سنڌ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم ثابت ٿيندي.
