ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس مصطفيٰ قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران اصغر قريشي کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس ڪامران اصغر قريشي کي ڊفينس خيابان مومن ۾ ارمغان جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو. ايس ايس پي اي وي سي سي موجب، جوابدار ارمغان جو پيءُ ڪامران اصغر قريشي پوليس جي حراست ۾ آهي، جڏهن ته ھن وٽان منشيات ۽ غيرقانوني هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
