شهيد ڀٽو لاءِ نشان امتياز، صنم ڀٽو وصول ڪيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي وفات کان پوءِ اعليٰ ترين سول ايوارڊ “نشانِ پاڪستان” سان نوازيو ويو. مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فردن کي سول ايوارڊ ڏيڻ جون تقريبون منعقد ڪيون ويون. ايوانِ صدر اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب دوران دفاع، سياست، تعليم، معاشيات، طب، سائنس، فنون لطيفه، راندين، ميڊيا ۽ ٻين شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا. سابق وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي وفات بعد “نشانِ پاڪستان” سان نوازيو ويو، جيڪو سندس نياڻي صنم ڀٽو وصول ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي انهن جي ڏوهٽي آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. تقريب دوران سلطان علي الانا کي انهن جي معاشي ۽ سماجي خدمتن جي اعتراف طور “نشانِ خدمت” سان نوازيو ويو، جڏهن ته تعليم جي شعبي ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف طور ماهرِ تعليم سيد عابدي کي “ستارهِ امتياز” سان نوازيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو