10 اڳوڻا ميمبر گوشوارن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي نااهل قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن ۾ 2022-23 لاءِ پنهنجي اثاثن جي تفصيل ۽ ريٽرن جمع نه ڪرائڻ تي 10 اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو ويو.اليڪشن ڪميشن 2022-23 ۾ اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ بابت ڪيس ۾ فيصلو جاري ڪندي قومي اسيمبلي جي 10 اڳوڻن ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.فيصلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي 7 اڳوڻن ميمبرن کي به نااهل قرار ڏنو ويو.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر جنرل، ضمني چونڊن ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن جيستائين اهي تفصيل فراهم نه ڪن. اهي ميمبر ان وقت تائين نااهل رهندا جيستائين اهي مالي سال 2022-23 لاءِ پنهنجي اثاثن جي تفصيل جو فارم بي فراهم نه ڪندا.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن خرم دستگير خان، محسن نواز رانجها، محمد عادل، رانا محمد اسحاق خان، ڪمال الدين ۽ عصمت الله کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه، اڳوڻي ايم اين اي ثمينه مطلوب، نصيبه، شميم آرا پنهور ۽ روبينا عرفان کي به نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر عديل احمد، حزب الله ڀاڳيو، ارسلان تاج حسين، عارف مصطفيٰ جتوئي، عمران علي شاهه، علي غلام ۽ طاهره کي به پنهنجي ريٽرن جي تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي نااهل قرار ڏنو آهي. بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن مير سڪندر علي، مير محمد اڪبر، سردار يار رند، عبدالرشيد ۽ عبدالواحد صديقي کي به نااهل قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه، بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن، مير حمل ۽ بيبي شاهينه کي به نااهل قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو