حڪومت جو بلوچستان ۾ ٽرين سروس بحال ڪرڻ جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي سڀاڻي کان بلوچستان ۾ ٽرين سروس جي بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حنيف عباسي چيو ته جعفر ايڪسپريس سڀاڻي پشاور کان ڪوئيٽا لاءِ رواني ٿيندي، جڏهن ته ڪوئيٽا کان جعفر ايڪسپريس ٽرين سروس جمعي کان هلائي ويندي، مسافرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.هن ڪوئيٽا کان ڪراچي لاءِ بولان ميل به روزاني بنياد تي هلائڻ جو اعلان ڪيو. حنيف عباسي چيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملي جو واقعو تمام افسوسناڪ هو، سيڪيورٽي ادارن فوري طور ردعمل ڏيکاريندي آپگهاتي بمبارن کي قابو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان جا سيڪيورٽي بابت مسئلا آهن، ريلوي اسٽيشنن ۾ اسڪينر موجود ناهي، ٻيا مسئلا پڻ آهن، ريلوي پوليس ۾ 500 ماڻهن جي مقرري ڪئي ويندي، ان کانسواءِ 1000 ٻيا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا. حنيف عباسي چيو ته بلوچستان ۾ هلندڙ ٽرينن جو انگ کي 04-2023 جي اپوزيشن تي آڻينداسين، اسان کي مسافرن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو