فيبروري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تي ٻڌڻي مڪمل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ فيبروري جي مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.فيبروري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تي ٻڌڻي مڪمل ٿي چڪي آهي، ۽ فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڊيمن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب مهانگي ذريعن کان بجلي جي پيداوار وڌي سگهي ٿي.چيئرمين نيپرا جو چوڻ آهي ته پاور ڊويزن کي ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ پن بجلي جي گهٽتائي واري صورتحال جي تناظر ۾ هڪ منصوبو تيار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو