ملڪ کي ايڪسپورٽ تي ٻڌل ترقي جي رستي تي هلائڻ چاهيون ٿا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته هو ملڪ کي پيداواري ۽ برآمدي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.آءِ ايم ايف سان معاهدي تي پهچڻ کان پوءِ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ٽيڪس، توانائي ۽ سرڪاري ادارن سان لاڳاپيل سڌارن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کان پوءِ، 2 ارب ڊالر جي قرض لاءِ اسٽاف سطح جو معاهدو طئي ٿيو آهي.آءِ ايم ايف ٽيم جي اڳواڻي نيٿن پورٽر ڪري رهيو هو، جڏهن ته معاهدي جي آخري منظوري آءِ ايم ايف بورڊ ڏيندي.جيڪڏهن منظور ٿي وڃي ته، پاڪستان کي ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت تحت 1 ارب ڊالر فراهم ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو