صحافي وحيد مراد گم، بازيابي لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صحافي وحيد مراد کي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ وردي ۾ ملبوس ماڻهن سندس گهر مان اغوا ڪيو. نوجوان صحافي جي بازيابي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. صحافي وحيد مراد جي سس پاران داخل ڪيل درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، دفاع سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ايس ايڇ او ڪراچي پوليس اسٽيشن ڪمپني کي ڌر بڻايو ويو آهي، صحافي وحيد مراد جي سس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته وردي ۾ ملبوس ماڻهو صبح جو 2 وڳي اسان جي گهر آيا، ۽ انهن سان گڏ ٻه پوليس گاڏيون به ڏٺيون ويون، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪاري وردي ۾ ملبوس ماڻهو وحيد مراد کي زبردستي کڻي ويا. درخواست ڏيندڙ موجب، گهر ۾ ايندڙ ماڻهن به ساڻس بدسلوڪي ڪئي،درخواست ڏيندڙ موجب، ڪراچي پوليس اسٽيشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، پر ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو. عدالت کان درخواست آهي ته وحيد مراد کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي ۽ انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي جيڪي کيس غير قانوني طور تي کڻي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو