ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي، عيد الفطر جي موقعي تي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙن خلاف ٽرانسپورٽ کاتي جي مهم جاري آھي، مھم دوران سڄي صوبي ۾ 710 گاڏين جي چيڪنگ ڪئي وئي. آپريشن دوران، اضافي ڀاڙو وٺڻ تي 427 گاڏين کي چالان ڪيو ويو ، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽرانسپورٽرن تي 3,84,200 رپيا جرمانو مڙھيو ويو. ٽرانسپورٽ کاتي جي ٽيمن مسافرن کان اضافي ڀاڙي جي مد ۾ وصول ڪيل ڏھھ لک 15300 رپيا موقعي تي ئي مسافرن کي موٽرائي ڏنا. ٽرانسپورٽ کاتي موجب، هي مهم عيد الفطر کان پوءِ به جاري رهندي ته جيئن مسافرن کان غير قانوني ڀاڙن جي وصول کي روڪي سگهجي. ان حوالي سان سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي منصفاني ۽ سستي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪنهن کي به شهرين جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عيد جي موقعي تي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جون ٽيمون مسلسل نگراني ڪري رھيون آهن. . هن چيو ته جيڪو به اضافي ڀاڙو وصول ڪندو ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ٽرانسپورٽ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته چيڪنگ جي عمل کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراھم ڪري سگهجي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شهرين کان اپيل ڪئي آهي ته اھي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪرڻ جي فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏين ته جيئن بروقت ڪارروائي ڪري سگهجي.
